ٿل ٻني مسجد

ٿل ٻني مسجد

ٿل ٻني مسجد

ٿل ٻني مسجد: هي مسجد جوهي تعلقي جي ڳوٺ شاهه حسن کان 5 ميل پري منڇر ڪنڌيءَ تي 34’09 670 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ، 24’49 260 اتر ڊگهائي ڦاڪ تي، سيوهڻ کان 30 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ديهه ٻني ٿل ۾ موجود آهي. هي 19 هين صدي عيسويءَ جي شروعاتي ڏهاڪي جي ٺهيل نظر اچي ٿي. مسجد ۾ لنگهه جو دروازو اوڀر طرف ڏنل آهي. نماز وارو ڪمرو 10x10.5 ميٽر ماپ جو، رٿ ۾ مستطيل آهي. ٻيڙ ٻني تي هر ڪنڊ تي هڪ هڪ بُرجي، ڪل چار برجيون ڏنل آهن. لنگهه واري دروازي تي به ڪنڊن وٽ بُرجيون ٺهيل آهن. مهاڙي پانيلن تي ۽ چٽيل آهي. لنگهه توڙي نمازي ڪمري وارا لنگهه ونگاوان آهن. اولهه طرف محراب ٺهيل آهي. اندران اولهه طرف ٻه هوائوڻا (Ventilator) به ٺهيل آهن. ڇت سڌي نموني جي آهي. مسجد اندران ٻاهران چٽيل آهي. اڱڻ ۾ ٻه قبرون ٺهيل آهن، جن مان هڪ مسجد جي ٺاهيندڙ رازي جي چئي وڃي ٿي. اندر گل ٻوٽا سادن سهڻن رنگن ۾ ٺهيل آهن. هي مسجد 19-18 صدي عيسويءَ جي چئي وڃي ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو